افغانستان ۾ ويڙهه، وڏي حصي تي طالبان جو قبضو

واشنگٽن (م ڊ ) افغان طالبان ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ افغانستان تباهيءَ ڪناري پهچي ويو آهي،اهڙي دعويٰ هڪ آمريڪي ويب سائيٽ طرفان ڪئي وئي آهي، ويب سائيٽ لکيو آهي ته طالبان ويجهڙ ۾ ڊرامائي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي ويڙهاڪن مزاحمت کي منهن نه ڏنو، طالبان ملڪ جي وڏي حصي تي قابض ٿي چڪا آهن ۽ سيڪيورٽي صورتحال ڏينهون ڏينهن بگڙندي پئي وڃي، رڳو گذريل 6 ڏينهن ۾ طالبان 38 ضلعن جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي،آمريڪي ويب سائيٽ موجب ملڪ جي 53 سيڪڙو ضلعن تي طالبان جو ڪنٽرول آهي، ميڊيا رپورٽ موجب 29 سيڪڙو علائقن تي قبضي جي جنگ جاري آهي، جڏهن ته 18 سيڪڙو علائقن تي افغان حڪومت جي عملداري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.