وفاق ڪراچي جي ترقي ۾ رنڊڪ، حڪومت پورهيت دشمني پئي ڪري: ناصر شاهه

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي، سنڌ جي ترقي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، وفاق /ڪراچي جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي قسم کڻڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.سيد ناصر حسين شاهه چيو ته علي زيدي ماضي ۾ به اعلان ڪيو هو ته هو ڪراچي جو ڪچرو صاف ڪرائيندو پر هنن فقط اعلان ڪيو، ڪراچي جي ٽن وڏن نالن سميت 40 نالا آهن جنهن جي صفائي لاءِ سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته موجوده پ پ حڪومت سنڌ جي صحافين لاءِ سنڌ اسيمبلي مان پروٽيڪشن بل منظور ڪرايو ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جيان صحافين جي فلاح لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي پيپلز ميڊيا سپورٽ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون جنهن سان سڄي سنڌ جي صحافي برادري کي مالي سهائتا حاصل هوندي. انهن جي تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي، هن چيو ته وفاق پاڪستان اسٽيل مل سميت ملڪ جي ادارن مان ملازمن جون جبري برطرفيون ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو عوام دشمن مزدور دشمن ۽ روزگار دشمن حڪومت آهي. هن چيو ته سنڌ جي ترقي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن ريت تاريخي قدم کنيو آهي تنهن جو مثال نٿو ملي. ناصر شاهه چيو ته صحافين هميشه حق ۽ سچ لکيو آهي، پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت صحافين جي آزادي تي يقين رکي ٿي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بحيثيت صوبائي وزير اطلاعات مون کي خصوصي طور هدايت ڪئي آهي ته صحافين جو وڌ کان وڌ خيال رکيو وڃي، سنڌ حڪومت ميڊيا جرنلسٽ پروٽيڪشن بل منظور ڪيو آهي جنهن سان هاڻ ڪنهن به صحافي تي ڪوبه حملو يا ٻيو ڪو واقعو پيش نه اچي سگهندو، صوبائي وزير ناصر شاهه اعلان ڪيو ته ملير پريس ڪلب لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا خصوصي گرانٽ ڏني ويندي ۽ 30 لک رپيا ساليانا گرانٽ پڻ ڏني ويندي. تقريب کي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي خطاب ڪندي چيو ته ملير پريس ڪلب جي جدوجهد ذريعي ملير جي ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهتو آهي. هن چيو ته موجوده وفاقي حڪمران عوام جي ٻن وقتن جي ماني به کسي آهي پر اهو وقت پري نه آهي جڏهن بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اقتدار ماڻي عوام جي ڏکن ۽ اهنجن کي ختم ڪنداسين، تقريب کي پيپلز پارٽي جي ايم اين اي آغا رفيع الله، ايم پي اي ساجد جوکيو، ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، ايم پي اي شاهينا شير علي، پ پ ضلعي ملير جي قائم مقام صدر عديل اختر شيخ، ضلع ڪائونسل ڪراچي جي اڳوڻي چيئرمين سلمان عبدالله مراد، اڳوڻي ڊي ايم سي چيئرمين جان محمد بلوچ، ضلعي انفارميشن سيڪريٽري مير عباس ٽالپر، نذير ڀٽو، ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ چانڊيو، اڳوڻي صدر آغا طارق پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري حنيف سومرو، صدرالدين شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور خان لغاري، سنڌ جنرلسٽ ڪائونسل جي مرڪزي صدر غازي جهنڊير، ملير جيل سپريٽنڊنٽ ارشد حسين شاهه، سنڌ بار جي ميمبر اشرف سمون، ملير بار جي جنرل سيڪريٽري رياض احمد ڀٽي، پ پ پي ايس 87 جي صدر امداد جوکيو، جنرل سيڪريٽري منظور بلوچ، آغا شير افضل، صفدر ڀٽي، عرس کيڙو سميت سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي لڏي شرڪت ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.