افغانستان ۾سلجهيل طالبان زور ٿي رهيا آهن: شيخ رشيد

راولپنڊي  (م ڊ ) گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغان طالبان تمام گهڻو بدلجي چڪا آهن، هي بندوق سان فيصلو ڪرڻ وارا نه آهن، سلجهيل طالبان افغانستان ۾ زور ٿي رهيا آهن ، راولپنڊي ۾ آزاد ڪشمير جي چونڊن جي حوالي سان منعقد هڪ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي هن  چيو ته مريم نواز ۽ بلاول آزاد ڪشمير ۾ غير پارلياماني زبان استعمال ڪري رهيا آهن ۽ اليڪشن کان اڳ ئي هو ڌانڌلي جو گوڙ ڪري رهيا آهن، بلاول جي ڪابه سي وي نه آهي. ان جي سي وي مون وٽ آهي. بلاول دل جو جاني آهي هو سياست جي رونق آهي. جڏهن ته مريم نواز کي پنهنجي لهجي تي غور ڪرڻ گهرجي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان افغانستان جي خلاف ڪنهن به ڪارروائي لاءِ ڪوبه اڏو نه ڏيندو،طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ نه صرف پاڪستان پر پوري خطي جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڀارت افغانستان ۾ پاڪستان جي لاءِ دهشتگردي کي هٿي ڏني. ڀارت 40 سال پاڪستان جي خلاف دهشتگردي کي منظم ڪيو،هن چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان ۾ امن هجي ۽ ان معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ پيج تي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.