قنڌار ۾ ڀارتي قونصل خانو بند، عملو واپس روانو

ڪابل(م ڊ ) افغانستان ۾ طالبان جي اڳڀرائي کي نظر ۾ رکندي افغانستان جي ٻئي وڏي شهر قنڌار ۾  قونصل خانو بند ڪري ڇڏيو آهي، 50 ڀارتي سفارتڪارن سميت ٻئي اسٽاف جي ميمبرن کي خاص اڏام  ذريعي واپسي ٿي آهي،  ڀارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته قونصل خاني کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. ڪابل جو سفارتخانو ۽ مزار شريف جو قونصليٽ لاڳيتو معاملا انجام ڏئي رهيا آهن، ميڊيا رپورٽ موجب افغان طالبان جي قنڌار طرف  اڳڀرائي به جاري آهي ۽ افغان حڪومت کي قنڌار جي ڀر پاسي سخت دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پيو پوي، پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب افغان طالبان جمعي ڏينهن قنڌار ۽ ڀرپاسي مختلف چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪري ورتو هو، صوبي ۾ افغان طالبان پهرين ئي وڏي علائقي تي ڪنٽرول سنڀالي چڪا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.