غوثپور ڀرسان ڳورهاري قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

غوثپور(ن ع آ) غوثپور ڀرسان ڳوٺ مارک ڀيو ۾ اسر ويل  جوابدار خادم ڀيو پنھنجي زال مسمات شاھدان ڀيو کي مبينا ڪارنھن الزام ڏئي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، لاش گم ڪري پاڻ فرار ٿي ويو، اھڙي اطلاع ملڻ تي مقتوله عورت جا ڪيترائي وارثن شھر جي مئن انڊس ھا۽ وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سببپنجاب کان سنڌ ويندڙ ڪيتريون ئي گاڏيون بيھجي ويون، ان موقعي تي وارث صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ناحق ڪوڙو الزام ڏئي اسانجي ڳورھاري نياڻي کي قتل ڪري مڙس ۽ ان جا ڀائر فرار ٿي ويا آھن، ھو ڏانھن پوليس اھڙي اطلاع بعد واقعي واري ھنڌ رواني ٿي وئي ۽ پوليس جي پھچڻ کان اڳ ئي جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا، بعد ۾ پوليس مقتولاعورت جو لاش کڻائي اسپتال آڻي سندس پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ قتل ٿيل عورتن جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ وارث ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب روئندا رڙندا ٿا وتن. ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور توڙي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر نوٽيس وٺڻ کان قاصر آهن، مقتولا ناري جي وارثن پاران  قتل لاش انڊس هاءِ وي تي رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. روڊ جوابدارن جي گرفتاري ۽انصاف لاءِ بند ڪيو، جڏهن ته سنڌ پنجاب کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڪافي مسافرن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ پئجي ويو، پوليس جي جوابدارن جي گرفتاري ۽انصاف جي خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولرايو ويو، مقتولا ناري جي وارثن ناري جي پوسٽ مارٽم لاءِ لاش غوثپور جي سرڪاري اسپتال آندو جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري لاش روليندا ڪنڌڪوٽ جي سرڪاري اسپتال کڻائي ويا جتي به ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ناري جو لاش اسپتال پيل رهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.