ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ خاص قدمن جي شروعات

اسلام آباد (م ڊ ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر چيو آهي ته ڪورونا جي مختلف قسمن جي موجودگي ۽ عيد الاضحيٰ کي نظر ۾رکندي ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جا خطرا به موجود آهن، ان ڏس ۾ ماسڪ جو استعمال، سماجي وٿي ۽ ٻين حفاظتي قدمن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.هدايتن موجب چوپائي مال جي پڙين ۽ عيد جي حوالي سان ايس او پيز تي عمل لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن،اين سي او سي وڌيڪ چيو آهي ته گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختونخواهه ويندڙ سياحن جي هوٽل بڪنگ لاءِ به ڪورونا ويڪسين لازمي قرار ڏني وئي آهي، انهن جاين جي لنگهه وارن رستن ۽ هوٽلن ۾ داخل ٿيڻ تي ويڪسين سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ طريقيڪار به جوڙيو ويو آهي.ان کانسواءِ ريسٽورنٽ، جمنازيم، سئنيمائن ۽ شادي هالن ۾ انتظاميا ۽ ايندڙ ماڻهن لاءِ به ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي ۽ ان جي تصديق جي لاءِ خاص حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.