ڊاڪٽر نذير شيخ ڌرتي ڌڻين سان پيار ڪندڙ سنڌ جو عاشق قرار، سندس زندگي تي ڪتاب ڇپائڻ جو فيصلو

حيدرآباد(رپورٽ: مقبول ملاح) سنڌ جي قومپرست, سياسي, سماجي اڳواڻن, دانشورن ۽ صحافين ڊاڪٽر نذير شيخ کي ڌرتي ڌڻين ۽ موسيقي سان پيار ڪندڙ سنڌ جو عاشق قرار ڏيندي سندس زندگي تي ڪتاب ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ چيو آهي  ته ڊاڪٽر نذير شيخ زنده دل ۽ روشني جو نالو آهي،  هن سدائين مرجهايل چهرن کي مرڪون ڏنيون ۽ ٽهڪ ورهايا، سندس موت تي لڙڪن بدران سندس زندگي کي سيليبريٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي.  خانه بدوش رائيٽرز ڪيفي طرفان ڊاڪٽر نذير شيخ جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي نامياري دانشور جامي چانڊيو چيو ته  ڊاڪٽر نذير شيخ، محبوب صفت دوست هو، اسان پنهنجي گهر ڀاتين کان وڌيڪ دوستن سان گڏ گذاريو آهي، نذير انهن دوستن مان آهي، جنهن سان ڏک  سک گڏ گذريو، هو هڪ فرد نه پر دوستن جي زندگي جو حصو آهي.  هن چيو ته نذير زنده دلي،  ٽهڪ ۽ روشني جو نالو آهي،  پر اڄ اسان ڏکارا آهيون. هن چيو ته ڊاڪٽر نذير شيخ جڏهن محفل ۾ ايندو هو ته ماڻهن جا مرجهايل چهرا مرڪن ۾ تبديل ٿي ويندا هئا، نذير جي زندگي ۾ ڪڏهن شڪايت، ڪو پڇتاءُ ڪو ارمان نه رهيو، هو 24 ڪلاڪ خوشين ۾ رهندڙ ۽ خوشيون ورهائيندڙ شخص هيو.  هن چيو ته نذير  جو ايم آر ڊي جي زماني کان سندس زندگي جي آخري گهڙي تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ هر تحريڪ ۾ سندس متحرڪ حصو هوندو هو، هر مخالف فڪر جي ماڻهو کي به نذير وڻندو هو. هو پنهنجي فيملي سان بي انتها محبت ڪندو هو، ان موقعي تي هن چيو ته ڊاڪٽر نذير جي زندگي تي ڪتاب لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ سندس زندگي بابت لکڻين ۽ موجود تصويرون ان ۾ شايع ڪيون وينديون. ڊاڪٽر بخت جمال خطاب ڪندي چيو ته اسان ڊاڪٽر نذير جا قرضي آهيون، هو سنڌ دوست ۽ تمام وڏو ۽ بهادر اڳواڻ هيو، هن جو سنڌ جي آجپي جي جدوجهد ۾ تمام وڏو حصو آهي. هن چيو ته نه صرف نذير پر سندس پوري فيملي سنڌ سان محبت ڪندڙ ۽ سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري. هن چيو ته ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ نذير  تمام وڏي جدوجهد ڪئي. قومپرست اڳواڻ سيد عالم شاهه چيو ته نذير سان اسان سڀ پيار ڪيون ٿا، نذير اسان سڀني جو دوست هو، هو سدائين اسان جي دلين ۾ زنده رهندو. ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته ڳوڙها ڳاڙڻ بدران ڊاڪٽر نذير جي زندگي کي سيليبريٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن زندگي گذارڻ جو فن ڏنو. هن چيو ته اسان ايم آر ڊي جي جدوجهد ۾ به گڏ هئا سين، ڊاڪٽر نذير شيخ کي پنهنجي سوان حيات لکڻ گهربي هئي.  لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکا رام، ڊاڪٽر نذير جون ساروڻيون ساريندي چيو ته ڊاڪٽر نذير شيخ پنهنجي ذات لاءِ نه جيئندو هيو، هن جو سنڌ جي ماڻهن سان روحاني رشتو هوندو هيو. هن چيو ته اسان گڏجي سنڌ صوفي فورم جوڙيو هيو،  جنهن ۾ هن دوستن کي گڏ کڻي هليو.  هن چيو ته هو فقيري طبعيت هو ماڻهو هيو، هن جي موت کي دل  قبول نه ٿي ڪري،  نذير شيخ زنده آهي، اسان سڀ نذير آهيون. ويف اڳواڻ امر سنڌو چيو ته ڊاڪٽر نذير شيخ اهو سماج تخليق ڪيو، جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو.  هن چيو ته  هن وقت سنڌ ۾ گڏجي هلڻ جي سگهه ختم ٿيندي پئي وڃي، سياسي طور تي رجعت پرستي وڌندي پئي وڃي ۽ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ۾ عورت آهي. ڊاڪٽر عرفانا ملاح چيو ته ڊاڪٽر نذير شيخ سياسي، سماجي ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ سچو دوست هيو. هو عورت جي آزادي تي يقين رکندو هيو، سندس يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ڇپايو ويندو.  سينيئر صحافي مهيش ڪمار، ڊاڪٽر نذير شيخ کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ آخري وقت ۾ سندس سياسي وابستگي پيپلز پارٽي سان هئي، پر هو پارٽي شائونزم جو شڪار نه هيو، هر پارٽي وارا کيس پنهنجو سمجهندا هئا،  هو سنڌ سان پيار ڪندو هيو، هو سدائين سنڌ لاءِ سوچيندو هيو،  هن جي پارٽي صرف سنڌ هئي. هن چيو ته ڊاڪٽر نذير دوستن جي حوالي سان مالدار زندگي گذاري، هو هر جنريشن جو دوست هيو، اڄ اسان جو گڏ ٿيڻ ان جو ثبوت آهي.سينيئر صحافي فاروق سومرو چيو ته  ڊاڪٽر نذير، عورتن ۽ نياڻين جي عزت ۽ پيار ڪندڙ هو، هو عورتن جي آزادي ۽ کين اڳتي اچڻ لاءِ همٿائيندو هو. هن چيو ته  ڊاڪٽر نذير کي نچڻ ۽ ڳائڻ وڻندو هو.   آمر رضا  ميمڻ چيو ته ڊاڪٽر نذير شيخ جو جنهن ماڻهو سان رابطو رهيو، اهو ڊاڪٽر کي پنهنجو تمام ويجهو دوست سمجهندو هيو، هو پنهنجن دوستن تي ويساه ڪندڙ شخص هو. هن چيو ته ڊاڪٽر نذير شيخ پنهنجي خيالن تي عمل ڪندڙ ماڻهو هيو، هو نظرياتي، علمي ۽ عملي طور تي انتهائي پختو ماڻهو هيو، هن کي ليڊ ڪرڻ جي صلاحيت هوندي هئي. هن چيو ته ڊاڪٽر نذير جو قومي ۽ انقلابي جدوجهد سان عشق هيو ۽ هو شاعري ۽ گيتن جو عاشق هوندو هو. سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻ نذير قريشي چيو ته ڊاڪٽر نذير شيخ روحاني، ذهني طور اسان سان گڏ آهي، هو ڪڏهن اسان کان وڇڙيو ئي ناهي. هن چيو ته ڊاڪٽر نذير هڪ ادارو هيو، سندس جدوجهد تي ڪتاب ڇپجڻ گهرجي. ڊاڪٽر نذير شيخ جي وڏي ڀاءُ بشير شيخ  چيو ته ڊاڪٽر نذير شيخ پنهنجي جواني کان سياسي طور ايڪٽو ٿيو، جنهن کانپوءِ اسان سڀ ڀائر ۽ ڀينرون پڻ سياسي ۽ سماجي طور ايڪٽو ٿيا سين. هن چيو ته نذير شيخ جي پارٽي سنڌ، سنڌ ماڻهو جا ماڻهو هيا ۽ هو سنڌ جي ڪاز سان ڪميٽيڊ هيو. هن چيو ته ڊاڪٽر نذير  ليڊر به هيو ته ورڪر به هيو، هو انتهاپنسدي کان نفرت ڪندو هو، هن جي دل ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان حسد يا ساڙ نه رهيو. هو پنهنجي زندگي جي آخري گهڙي تائين سنڌ  ۽ سنڌ جي ماڻهو سان پيار ڪندو رهيو سندس ڀيڻ سماجي اڳواڻ شمع شيخ چيو ته ڊاڪٽر نذير شيخ اسان سڀني ڀينرن ۽ ڀائرن جو جاني ڀاءُ هيو، هن جي وڏي خوبي ته هو ڪنهن ماڻهو کي ناخوش يا غمگين ڏسي نه سگهندو هو. ڊاڪٽر نذير شيخ جي نياڻي قرئت العين  چيو ته بابا چوندو هو ته مان جڏهن ويندس ته پوءِ توهان کي خبر پوندي، سچ ۾ اڄ اهو ڏسي خوشي پئي ٿئي ته بابا سان ايترا پيار ڪندڙ دوست آهن. هن چيو ته بابا  جو چوڻ هو ته هر لمحي ۾ پنهنجي خوشي ڳولهيو، هن کي اسان ڪڏهن به پريشان ٿيندي نه ڏٺو هيو، هو هر  نسل  جو دوست هيو. هن چيو ته بابا  گهڻو وقت گهر کان ٻاهر هوندو هيو، پر جڏهن گهر ايندو هيو ته اسان لاءِ اهو ڏينهن عيد جيان هوندو هو.  پروگرام ۾ اي جي پي اڳواڻ ابرار قاضي جو موڪليل پيغام پڙهيو ويو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ سليمان ڏاهري، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، منظور احمد مارفاڻي، زبير احمد شيخ، ڊاڪٽر نذير شيخ جي پٽ تعمور شيخ، قومپرست اڳواڻ ايڊووڪيٽ هادي بخش، ڊاڪٽر منظور شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.