ڪراچي ۾ روڊ حادثن ۽ ٻين واقعن ۾ 5 ڄڻا فوت

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۽ ٻين  واقعن ۾  ناري سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، . گزري جي علائقي پنجاب چورنگي ڀرسان  25 سالن ماريا ڌي ڪشن ڪمار پلازا تان  ٽپو ڏئي  آپگھات ڪري ڇڏيو ،اورنگي ٽائون ٿاڻي جي حد اورنگي ٽائونون سيڪٽر 7 اي گهر نمبر سي 132 ۾محبوب سبحاني مسجد ڀرسان ڦندو ٻڌل 18 کان 19 سالن جي نوجوان ذوھيب ولد عبدالعزيز جو لاش مليو ،. حيدري ٿاڻي جي حد نارٿ ناظم آباد ايف بلاڪ ڀرسان صائما سينٽر جو چوڪيدار 55 سالن جو ميان گل ولد نور الله  فوت ٿي ويو . پورٽ قاسم گيٽ نمبر 2 ڀرسان روڊ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.. پوليس موجب فوتين جي سڄاڻپ ناھي ٿي سگهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.