ڀارتي عملي کي ڪڍڻ لاءِ موڪليل جهاز ۾ افغان فوج لاءِ هٿيار هجڻ جو انڪشاف

 

ڀارت طرفان افغانستان مان پنهنجي عملي کي ڪڍڻ لاءِ موڪليل جهاز ۾ افغان فوج لاءِ هٿيار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي عملي ۽ مبينا ”را“ ايجنٽن کي ڪڍڻ لاءِ موڪليل جهاز ۾ افغان فوج لاءِ هٿيار به آندا ويا.

ان قدم تي تجزيي نگارن سوال اٿاريندي چيو آهي ته ڀارت هڪ پاسي طالبان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري افغان فوج کي هٿيار ڏسڻ جو سلسلو به جاري آهي.

ڪابل ۽ قندار ايئرپورٽ تي ڀارتي فضائيا جي سي 17 ڪارگو جهازن جون تصويرون به سامهون آيون آهن، جن ۾ ڀارتي جهازن مان سامان لاهيندي ڏسي سگهجي ٿو.

واضح رهي ته افغانستان جي ٻئي وڏي شهر قنڌار ۾ قائم ڀارتي قونصل خانو بند ڪيو ويو آهي ۽ عملي کي پڻ واپس گهرايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.