بنون ۾ ڌماڪو، 3 اهلڪار زخمي

 

بنون (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب غوري والا واري علائقي ۾ ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن پوليس وين ۾ سوار اهلڪار گشت تي هئا، ڪارروائي لاءِ بارودي مواد روڊ ڪناري رکيو ويو هو.

پوليس اختيارين ٻڌايو ته واقعي ۾ زخمي اهلڪارن کي اسپتال نيو ويو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.