قمبر، گمبٽ، ميرپورماٿيلي ۽ ڪراچي جون خبرون

قمبر: ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا ناري پاران علاج جي اپيل

گمبٽ: جسقم پاران صنعان خان قريشي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاج

ميرپورماٿيلو: ڳوٺاڻن پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪراچي: ڳوٺ محمود عالم جي رهواسين جو قبضا گيرن خلاف احتجاج

01

گمبٽ ۾ جئي سنڌ قومي محاذ پاران صنعان قريشي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن آزادي لاءِ کهڙا پريس ڪلب کان گمبٽ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي .

ريلي ۾ لاڙڪاڻي، گھوٽڪي، نوابشاهه ، خيرپور سميت مختلف شهرن کان ڪارڪنن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن ڏاڏي اطهر سموري، اياز ڪورائي، ڪامريڊ محمد علي اڄڻ  ۽ ٻين چيو ته سنڌ دشمن منصوبن کي غيرت مند سنڌي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو سازش تحت بحريه ٽائون تي حملي جو ڪيس داخل ڪري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي کي گرفتار ڪيو ويو.

 هنن مطالبو ڪيو ته صنعان قريشي، امجدخان مهيسر سميت گرفتار ڪيل سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر پرامن احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

02

ميرپورماٿيلي ۾ ڳوٺاڻن پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ پيربخش حيدراڻي  جي رهواسين غلام مصطفي حيدراڻي، رفيق احمد، مجاھد ۽ ٻين چيو ته بااثرن شھمير حيدراڻي ۽ خليل حيدراڻي ڏوھاري قسم جا ماڻھو آھن، جن اسان جي  کاتي واري زمين ۽ گھر مٿان قبضو ڪيو آهي.

ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوبدارن خلاف ڪاروائي ڪري گھر ۽ زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

03

ڪراچي اولھ جي سنڌي وسندي ڳوٺ محمود عالم جي رهواسين پاران  قبضا گيرن  خلاف انڊ پريس ڪلب ڪراچي آڏو احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

04

ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا قمبر جي ڳوٺ ڪوٽ غلام شاهه جي رهواسڻ مسمات ارشاد خاتون جي وارثن پاران سندس علاج ۽مالي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.

متاثر ناري جي امڙ حاڪم خاتون ٻڌايو ته  گهر جو الهه تلهه وڪڻي نياڻي جو علاج ڪرايو   وڌيڪ علاج لاءِ پيسا نه آهن ۽ هاڻ زخم خراب ٿي وڃڻ سبب نياڻي جي حياتي کي خطرو آهي.

هنن چيو ته غريب سبب بيوس بڻيل آهيون سنڌ حڪومت، چونڊيل نمائيندن ۽ وس وارن کي اپيل آهي ته خدارا نياڻي جو علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.