عمران خان وٽ اٽي، کنڊ چوري ۽ لوڊشيڊنگ کانسواءِ ڪجهه ناهي: مريم نواز

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ڪشمير کي ڪنهن به صورت ۾ صوبو بڻجڻ نه ڏينداسين، منهنجي رڳن ۾ ڪشمير جو رت آهي ۽ منهنجو ڪشمير سان رت جو رشتو آهي.

آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي هٽيان بالا ۾ چونڊ جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته راجا فاروق حيدر سان منهنجي خاندان جو واسطو آهي ۽ نواز شريف راجا فاروق حيدر سان محبت ڪري ٿو، راجا فاروق حيدر خدمت جو قدم وڌائي ڇڏيو آهي، هن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪشميرين جو ووٽ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته توهان کي نه ڇڏيندس.

سندس چوڻ هو ته اهي والاريل ڪشمير جو ڪيس هارائي هاڻ ان تي نظرون ڄمائي ويٺا آهن، مان والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺي آهيان، ڪشميرين جو قربانيون ضايع نه وينديون.

هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته جڏهن ڪشمير اچو ته پنهنجو اعمال نامو به گڏ کڻي اچجو، ڪو دوست ملڪ به عمران خان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن جي گهر ۾ عزت نه هجي ان جي ٻاهر ڪير ٻڌندو؟

مريم نواز چيو ته عمران خان وٽ اٽي، کنڊ چوري ۽ لوڊشيڊنگ کانسواءِ ڪجهه ناهي، پاڪستان ۾ هن وقت هڪ ئي انسان خوشحال آهي، ان جو نالو عمران خان آهي، ان کي مهانگائي سان ڪو فرق نٿو پئي، ان جي گهر ۾ نه ڪا لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي ۽ نه ان جو ڪاروبار آهي، جنهن ۾ ان کي فرق پوندو هجي، ڪو ووٽ چوري ڪندي پڪڙيو وڃي ته ان کي نه ڇڏجو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.