ڪوٽڙي، ميروخان، سجاول ۽ مٺياڻي جون خبرون

ڪوٽڙي: سجاڳ فورم پاران ٽين عورت جاڳرتا ڪانفرنس منعقد

ميروخان:  سجاول جوڻيجو تعلقي جا مختلف ڳوٺ  بنيادي سهولتن کان وانجهيل، احتجاج

سجاول: پيرسن جو زرعي زمين تي قبضي خلاف احتجاج

مٺياڻي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي بجلي مهيني کان بند، احتجاج

01

ڪوٽڙي ۾ ڄامشورو سجاڳ فورم پاران ٽين عورت جاڳرتا ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي,

عورت ڪانفرنس صدارت ناليواري ليکڪ جامي چانڊيو ڪئي جڏهن ته ديبا سحر، قرعت العين اقبال مهمان خاص طور شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته سنڌ جي عورت اڄ به مظلوم آھي عورت کي اڻ برابري جي نظر رکي کيس حقن کان محروم رکيو ويو آھي اهڙيون ڪانفرنس ٿيڻ سان عورتن ۾ سجاڳي پيدا ٿيندي.

هنن چيو ته هوٽلن بدران ٻهراڙين ۾ اهڙا  پروگرام ترتيب ڏيڻا پوندا ته جيئن ٻهراڙي جي عورتن ۾ به سجاڳي پيدا ٿئي.

08

ميروخان ۾ نوجوان اتحاد پاران سجاول جوڻيجو تعلقي مختلف ڳوٺن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف  بلاول مگسي، منٺار رڏ، شاھد حسين مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  متاثر علائقن جي رھواسين  پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي سالن کان سجاول جوڻيجو تعلقي جي يوسي مستوئي سميت ٻين ڳوٺن جا رھواسي بنيادي سھولتن کان وانجھيل  آهن، ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائيندن کي شڪايتون ڪرڻ باوجود مسئلا حل نه پيا ڪيا وڃن.

ھنن چيو ته ٺيڪيدار ٻن سالن کان سوين ڳوٺن کي ملائيندڙ روڊ ميروخان-شھدادڪوٽ وايا لاھوري ڪوٽ روڊ تي پٿر وڇائي گم ٿي ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺن کي بنيادي سھولتون فراهم ڪري جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

09

سجاول ۾ پيرسن ڳوٺاڻي پاران  زرعي زمين قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

ڳوٺ بچل ڪهرائي جي رهواسي پيرسن عبدالرزاق ڪهرائي  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته برادري جي بااثرن 12 ايڪڙ سروي زمين تي زبردستي قبضو ڪيو آهي، بااثرن روينيو عملدارن سان ملي ڀڳت سان هيراڦيري ڪئي ڪئي آهي.بااثرن پاران موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن.

پيرسن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

10

مٺياڻي ۾ پريس ڪلب جي سڏ تي شهرين ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پاران لاڳيتون هڪ مهيني کان بجلي بند هجڻ خلاف پريس ڪلب جي صدر خالد مشوري،  رياض حسين  چانڊيو، حبيب الله ملڪ

۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي.

ان موقعي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيپڪو نوشھرو فيروز مسلسل ھڪ مھيني کان شھر سميت  200 ڳوٺن جي بجلي بند ڪري ناانصافي ڪئي آهي.

هنن چيو ته جلي جي اڻھوند سبب زندگي مفلوج بڻيل آھي،  ٻارڙن جي تعليم ۽  ڪاروبار کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي .

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سيپڪو جي زيادتين جو نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.