ڪشمور، ڪوٽڙي ۽ کهڙا جون خبرون

ڪشمور: عوامي ورڪر پارٽي پاران قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ ريلي

ڪوٽڙي:  پاپوليشن ويلفيئر کاتي پاران آبادي جي عالمي ڏهاڙي بابت جاڳرتا ريلي

کهڙا: جسقم پاران صنعان خان قريشي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاءِ پيادل مارچ

01

ڪشمور ۾ عوامي ورڪر پارٽي پاران قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ علمدار چوڪ کان ريلي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن عبدالحميد کوسي،  زبير ڪلوڙ،  محمد علي کوسي  ۽ ٻين چيو ته  ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ قبيلائي تڪرارن سبب ڪيترائي گهر تباهه برباد ٿي رهيا آهن حڪمرانن کي وڌندڙ قتل عام جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

هنن چيو ته  قبيلائي تڪرارن سبب ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي ٻن ڌرين ۾ ٿيندڙ خوني تڪرار سان غريب پورهيت پنهنجي گهرن تائين محدود بڻجي ويا آهن،

02

آبادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاپوليشن ويلفيئر ضلعي ڄامشورو پاران  ڪوٽڙي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي،

ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر ڊاڪٽر مهوش مظهر، تعلقي پاپوليشن ويلفيئر آفيسر سيوهڻ عدنان بدر عباس، ڊاڪٽر ڪائنات ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلاول ميڊيڪل اسپتال کان المدينا چوڪ تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي ڏينهن ريلي ڪڍڻ جو مقصد عوام کي ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن  کان آگاهه ڪرڻ ۽ ڪٽنب کي ننڍو رکڻ لاءِ ٻارن جي پيدائش ۾ وقفو پيدا ڪرڻ بابت آگاهي  ڏيڻ آهي،

هنن چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي سبب عوام توڙي حڪومت کي کاڌي پيتي، رهائش، صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ سوڌو ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جنهن جو واحد حل تيزي سان وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ  آهي….

03

کهڙا ۾ جسقم پارن صنعان خان قريشي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ سنڌي وسندين تي قبضن خلاف ۽ محمد علي اڄڻ. اعجاز ڦلپوٽي. عدنان سنڌي. ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ. بينر ۽ جهنڊا کهڙا کان گمبٽ تائين پيادل مارچ ڪيو ويو .

انهي موقعي تي مارچ کي خطاب ڪندي  اڳواڻن چيو  ته سنڌ جي وسيلن،  وسندين تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسينن صنعان خان قريشي سميت اڳواڻن ۽  ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.

هنن مطالبو ڪيو ته  صنعان قريشي سميت گرفتار ڪيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪري داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.