”افغانستان ۾ بدامني ۽ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ پاڪستاني معيشت لاءِ خطرا آهن“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي اُڀرندڙ معيشت کي افغانستان ۾ بدامني ۽ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جهڙا ٻه خطرا آهن.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ۾ صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي اڀرندڙ معيشت کي ٻه خطرا آهن، هڪ افغانستان ۾ بدامني، جنهن تي اسان کي اميد آهي ته طالبان ۽ ان جي هم وطنن کي امن نصيب ٿيندو، ٻيو ڪورونا ڪيسن ۾ امڪاني واڌ، عوام عيد دوران احتياط ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.