بولڊ سين ڪندي ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي آهي: صبور علي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا صبور علي چيو آهي ته بولڊ سين جي عڪسبدي دوران ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي آهي پر ماڻهن کي صورتحال سمجهائڻ لاءِ ائين ڪرڻ به ضروري هوندو آهي.

صبور علي هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي ڊرامي ”فطرت“ بابت سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته بولڊ سين ڪندي ڏاڍي ڏکيائي پيش ايندي آهي ته ڪئميرا تي الائي ڪيئن نظر ايندو هوندو، اهڙي صورتحال ۾ اسان هڪٻئي کان پڇندا هئاسين ته ڪٿي ڪجهه گهڻو ته نه ٿي ويو آهي.

هن چيو صورتحال اهڙي قسم جي هوندي آ جو سمجهه ۾ ناهي ايندو ته سين کي ڪيئن پيش ڪيو وڃي جو ڏسندڙن کي سمجهه ۾ اچي وڃي، اسان جي ڪوشش هوندي هئي ته ڪجهه به حد کان وڌيڪ نه هجي.

سندس چوڻ هو ته مان ۽ اداڪار علي عباس ٻئي خلاف هئاسين ته اهڙا شوٽ نه ٿيڻ گهرجن پر آخري فيصلو ڊائريڪٽر جو هوندو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.