”خاص الائونس برابر طور سڀني سول ۽ ملٽري ملازمن کي ڏنو وڃي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال هٿياربند فوجن جي آفيسرن ۽ جوانن جي بنيادي پگهار ۾ 15 سيڪڙو جي برابر خاص الائونس جي تجويز جي خبر تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ احسن اقبال چيو ته 15 سيڪڙو اسپيشل پي الائونس برابر طور سڀني سول ۽ ملٽري ملازمن کي ڏنو وڃي.

سندس موجب اهڙا امتيازي فيصلا ملڪ ۾ سول ملٽري ورهاست گهري ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا، مهانگائي سڀني ملازمن لاءِ هڪ جهڙي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.