هٿياربند فوجن جي آفيسرن ۽ جوانن جي بنيادي پگهار ۾ 15 سيڪڙو جي برابر خاص الائونس جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت هٿياربند فوجن جي آفيسرن ۽ جوانن جي بنيادي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو جي برابر خاص الائونس ڏيڻ جي سمري وفاقي ڪابينا کي موڪلي ڇڏي.

ناڻي واري وزارت اهو خاص الائونس ڏيڻ جي منظوري وزيراعظم کان گهري هئي پر وزيراعظم معاملو ڪابينا سامهون رکڻ جي هدايت ڪئي هئي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ لاءِ پي اينڊ پينشن ڪميشن طرفان عبوري رپورٽ جي دير سبب سول ملازمن کي بنيادي پگهارن جي 10 سيڪڙو واڌ کانسواءِ 25 سيڪڙو خاص الائونس ڏنو ويو هو، جنهن سان انهن جي پگهار ۾ مجموعي طور 35 سيڪڙو واڌ ٿي.

هاڻ پي اينڊ پينشن ڪميشن جي سفارش تي هٿياربند فوجن جي ملازمن کي بجيٽ ۾ اعلان ڪيل 10 سيڪڙو واڌ کانسواءِ 15 سيڪڙو خاص الائونس ڏيڻ جي سمري ڪابينا کي موڪلي وئي آهي.

جيڪڏهن ڪابينا ان تجويز جي منظوري ڏئي ٿي ته هٿياربند فوجن جي ملازمن جي پگهار ۾ مجموعي طور 25 سيڪڙو واڌ ٿي ويندي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب گذريل ٻن سالن کان ملازمن جي پگهار ۾ واڌ نه ٿيڻ سان پگهار جي اسٽرڪچر ۾ پيدا ٿيندڙ فرق ختم ڪرڻ لاءِ 15 سيڪڙو خاص الائونس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

جيڪڏهن ڪابينا 15 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي ته ان لاءِ واڌو 38 ارب رپيا گهربل هوندا.

وفاقي حڪومت سول ملازمن کي 25 سيڪڙو الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.