بدين، غوثپور ۽ تنگواڻي جون خبرون

بدين: ڊي سي بدين جي هدايتن تي ڪورونا ويڪسين ڪيمپ لڳائي وئي

ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان جي ھدايتن تي ڪرونا  وائرس کان بچاءُ لاء شھرن توڙي ٻھراڙي ۾ يوسي ليول تي مرحليوار وار هڪ واري ڪورونا واري ڪورونا ويڪسين ڪيمپ لڳائڻ جو سلسلو جاري ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ يوسي جھنڊو شاھ جي ڳوٺ حاجي علي محمد  کوسو ۾ ھڪ ڏينهن واري ڪيمپ قائم ويڪسين ڪيمپ لڳائي.

مختيارڪار بدين نبي سولنگي ٻڌايو ته ڪيمپ ۾ 75 ماڻھن کي ڪرونا وئڪسن جو پھريون ڊوز لڳايو ويو.

غوثپور: ڪارنهن الزام هيٺ عورت قتل، وارثن جو ڌرڻو

غوثپور ڀرسان ڳوٺ مارک ڀيو ۾ جوابدار مبينه ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار خادم ڀيو زال مسمات شاھدان ڀيو کي مبينه ڪارنھن الزام هيٺ بندوق جا فائر  ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

مقتولا جي  وارثن شھر جي مئن انڊس ھا۽ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن سبب پنجاب کان سنڌ ويندڙ ڪيتريون ئي گاڏيون بيھجي ويون.

ان موقعي تي وارث صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته جوابدار ڪوڙي الزام  هيٺ اسان جي ڳورھاري نياڻي کي قتل ڪيو آهي.

تنگواڻي: جي يو آءِ پاران وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو

تنگواڻي ۾ جي يو آء پاران وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جي يو آء جي قاري ڪفايت الله کوسو، سهراب ملڪ، سليمان بکراڻي جي اڳواڻي ۾ ماشاالله اسٽاپ کان ريلي ڪڍي بس اسٽينڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته شهر هر روز موٽرسائيڪل چوري ٿي رهيون آهن پوليس بدامني روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي،

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته امن امان بحال ڪرائي انصاف ڪيووڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.