نيب حڪومت جو مددگار، ڇا نارروال ڀارت ۾ آهي؟: احسن اقبال

نارروال(ويب ڊيسڪ) مسلم ن جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته نارروال اسپورٽس ٽي جهڙي شاندار منصوبي تي مون کي اڊيالا جيل موت جي چڪي ۾ قيد رکيو ويو.

اسپورٽس سٽي نارروال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ لکيو آهي ته اسپورٽس سٽي منصوبو عام مفاد جو هو.

 هن چيو ته ان منصوبي جي بنياد تي منهنجي خلاف ڪوڙو ريفرنس تيار ڪيو ويو، حڪومت ان قومي نوعيت جي منصوبي کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو.

احسن اقبال چيو ته اِهو چيو ويو ته هن منصوبي تي 6 ارب ضايع ڪيا ويا، حالانڪ هي منصوبو 2 ڏهائي 9 ارب جو هو، حڪومت طرفان ڪوڙا الزام هڻي ان منصوبي کي اسڪينڊلائز ڪيو ويو.

ن ليگي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته الزام رڳو اِهو آهي ته منصوبو نارروال ۾ ڇو بڻيو، ڇا نارروال ڀارت ۾ آهي؟ انتقامي ڪارروائين جي لاءِ  هي نيب هن حڪومت جي مددگار بڻيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.