گيس ۽ تيل جي ڳولا وارين ڪمپنين کي سي پيڪ جهڙي سيڪيورٽي ڏني ويندي: تابش گوهر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان کي پيٽروليم ڊويزن توانائي واري شعبي بابت رپورٽ پيش ڪري ڇڏي.

پيٽروليم ڊويزن وزير اعظم عمران خان کي توانائي واري شعبي بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، پيٽروليم واري صلاحڪار تابش گوهر طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ شارٽ ٽرم، مڊ ٽرم ۽ لانگ ٽرم منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گيس ۽ تيل جي ڳولها وارين ڪمپنين کي سي پيڪ جهڙي سيڪيورٽي ڏني ويندي، واهپيدارن برداشت جوڳن اگهن تي گيس جي فراهمي جي لاءِ پائپ لائن ضروري آهي جڏهن ته ايل اين جي ٽرمينل ۾ 300 ايم ايم سي ايف گيس جي وڌيڪ صلاحيت موجود آهي جيڪا خانگي شعبي جي لاءِ هوندي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايل اين جي ٽيڪ ۽ پي پيمنٽ بنيادن تي ٿيندي، ايل اين جي امپورٽ خالص خانگي شعبي جي ذريعي ٿيندي، واڌو ايل اين جي ايندڙ سياري جي موسم ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي کان لاهور تائين گيس پائپ لائن جي اڏاوت ضروري آهي ۽ وزير اعظم جي هدايت موجب گيس پائپ لائن جلد کان جلد تيار ڪئي ويندي، پائپ لائن جي اڏاوت ۾ مقامي ڪمپنين کي شامل ڪيو ويندو، پورٽ قاسم تي ايل اين جي اسٽوريج جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو 2030 تائين مڪمل ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.