پاڪستاني بيٽنگ لائن وري فلاپ، انگلينڊ سيريز کٽي ورتي

 

لارڊز (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 52 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.

لارڊز ۾ انگلينڊ طرفان مليل 248 رنسن جي هدف پويان قومي ٽيم 195 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

پاڪستان طرفان سعود شڪيل 56 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته حسن علي 31، شاداب خان 21، ڪپتان بابر اعظم ۽ صهيب مقصود 19-19، شاهين آفريدي 18، فخر زمان 10، محمد رضوان 5، امام الحق، فهيم اشرف ۽ حارث رئوف 1-1 رنس ٺاهي.

ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي انگلينڊ جي ٽيم 45.2 اوورن ۾ 247 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.

ميزبان ٽيم طرفان فل سالٽ 60، جيمز ونس 56، ليوس گريگوري 40، بريڊن ڪارس 31 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.

پاڪستان طرفان حسن علي بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 وڪيٽون ورتيون.

واضح رهي ته برسات سبب ميچ 47 اوورن تائين محدود ڪئي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.