اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سميت وفاقي وزيرن کان واڌو سيڪيورٽي واپس ورتي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي هدايت تي وفاقي وزيرن کان واڌو سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.

ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته وزير اعظم جي هدايت تي ڪابينا ڊويزن ۽ اسلام آباد پوليس ڪيترن ئي وفاقي وزيرن کان واڌو سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ جي اجلاس قاضي جميل الزمان جي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات کان پوءِ واڌو سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي.

ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته جن وفاقي وزيرن کان واڌو سيڪيورٽي واپس ورتي آهي انهن ۾ شيرين مزاري ۽ پرويز خٽڪ به شامل آهن.

ذريعن موجب وفاقي وزيرن جي سيڪيورٽي تي مقرر 5 هلڪارن مان 3 کي واپس گهرايو ويو آهي، وفاقي وزيرن سان گڏ سيڪيورٽي جي لاءِ هاڻ اسلام آباد پوليس طرفان ٻه اهلڪار موجود رهندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽ چيئرمين کي ڏنل نفري برقرار رهندي جڏهن ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي ڏنل واڌو نفري ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.