آسٽريليا جي ايشلي بارٽي ومبلڊن وومينز سنگلز جو ٽائيٽل کٽي ورتو

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي ايشلي بارٽي ومبلڊن وومينز سنگلز جي فائنل ۾ چيڪ ريپبلڪ جي ڪيرولينا پلسڪووا کي شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو.

لنڊن ۾ ٿيندڙ ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ ورلڊ نمبر ون آسٽريليا جي ايشلي بارٽي جمهوريا چيڪ جي ڪيرولينا پلسڪووا  6-3, 6-7 (4-7), 6-3 تان شڪست ڏني.

اهو بارٽي جي ڪيريئر جو ٻيو گرينڊ سلم ٽائيٽل رهيو، جڏهن ته هوءَ 41 ورهين ۾ آل انگلينڊ ڪلب ۾ سنگلز ٽائيٽل کٽيندڙ پهرين آسٽريلوي رانديگرياڻي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.