قنڌار ۾ ڀارتي قونصل خانو بند، عملو به واپس گهرايو ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ٻئي وڏي شهر قنڌار ۾ قائم ڀارتي قونصل خاني کي بند ڪيو ويو آهي ۽ عملي کي به واپس گهرايو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب افغان طالبان جي قنڌار طرفان اڳڀرائي به جاري آهي ۽ افغان حڪومت کي قنڌار جي ڀر پاسي سخت دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پيو پوي.

پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب افغان طالبان جمعي تي قنڌار ۽ ڀرپاسي مختلف چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪري ورتو هو، صوبي ۾ افغان طالبان پهرين ئي وڏي علائقي تي ڪنٽرول سنڀالي چڪا آهن.

ٻئي پاسي ڀارتي پرڏيهي وزارت ارندام باغچي جو چوڻ آهي ته عملي جي واپسي حالتون جي بهتر ٿيڻ تائين هڪ وقتي قدم آهي پر قنڌار جي قونصل خاني جو مقامي عملو ڪندو رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.