پي آءِ اي جو پرڏيهه ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي واپسي لاءِ وڏي آپريشن جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پي آءِ اي پرڏيهه ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي واپسي لاءِ 32 اڏامن جو اعلان ڪري ڇڏيو

قومي ايئر لائن پي آءِ اي پرڏيهه ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ لاءِ وڏي آپريشن جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي آءِ اي عيد الاضحيٰ کان اڳ هن وطنن کي 32 خاص اڏامن جي ذريعي وطن واپس آڻيندو.

پي آءِ اي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪابل ۾ ڦاٿل هم وطنن کي وطن پهچائڻ لاءِ بوئنگ 777 جهاز استعمال ڪيا ويندا، ڪابل جي لاءِ 12 ۽ 16 جولاءِ تي خاص اڏامون آپريٽ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته نار ملڪن مان پاڪستان اچڻ لاءِ 5 خاص اڏامن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

انتظاميا موجب دبئي ۽ ابو ظهبي مان پاڪستانين کي بوئنگ 777 جهازن جي ذريعي وطن واپس پهچايو ويندو، سعودي عرب جي لاءِ به 10 اڏامن جي واڌ ڪئي وئي آهي، ۽ اُتي ڦاٿل پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ بونگ 777 جهاز استعمال ڪيا ويندا، تاشقند لاءِ 8 اڏامون آپريٽ ڪيون وينديون، ۽ تاشقند جي لاءِ ايئر بس 320 جهاز آپريٽ ٿيندا، جڏهن ته پي آءِ اي بشڪڪ ۾ ڦاٿل شاگردن کي واپس آڻڻ جي لاءِ خاص اڏام آپريٽ ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.