ڪورونا وبا جي شدت ۾ واڌ، مثبت ڪيسن جي شرح 4 سيڪڙو کان ٽپي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ کان اڳ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿيڻ لڳي 24 ڪلاڪن دورنا ڪورونا وائرس جا 1980 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري بيان موجب گذريل 24 دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ جي لاءِ 48 هزار 382 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جنهن مان 1980 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.

ملڪ ۾ هن وقت تائين تائين ڪورونا جي تصديقي ڪيسن جو انگ 973274 ٿي ويو جنهن مان 913203 مريض شفاياب ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن ان وبا وڌيڪ 27 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون. اهڙي طرح ملڪ ۾ هن وقت تائين ان وبا سبب فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 22 هزار 582 ٿي ويو آهي، جڏهن ته مثبت ڪيس جي شرح 4.09 سيڪڙو ريڪارڊ ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.