”ايندڙ نسلن کي سر سبز پاڪستان ڏينداسين“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پنهنجي ايندڙ نسلن جي حوالي سر سبز شاداب پاڪستان ڪنداسين.

سوشل ميڊيا تي سوات ۾ وڻ ڪاري جي ويڊيو شيئر ڪندي وزير اعظم چيو ته سوات جي علائقي مٽه جا خالي جبل ساوڪ جي چادر پيا ويڙهن جيڪا خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي بلين ٽري سوناهي مهم جي حيرت جوڳي نتيجن جي ڪرشماتي جهلڪ آهي.

وزير اعظم چيو ته رب ذوالجلال جي مدد شامل رهي ته اسان هڪ صاف ۽ سرسبز شاداب پاڪستان پنهنجي ايندڙ نسلن جي حوالي ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.