ٽنڊي آدم لڳ واپارين کان ڦرلٽ، مزاحمت تي تشدد

ٽنڊوآدم ( ن ع آ ) ٽنڊوآدم لڳ ڦورن هٿان 2 واپاري يرغمال 3 لک 20 هزار ، 2 موبائل فونز ۽ ٻيو سامان ڦر مزاحمت تي مارڪٽ ڪري  فرار رپورٽ موجب ٽنڊوآدم کنڊو روڊ تي مڪان ڀرسان 3 هٿياربند ڦورن مال پڙي مان گابا کپائي واپس ڳوٺ مٺو کوسو ويندڙ 2 واپارين هادي بخش کوسو ۽ يارمحمد مري کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 3 لک 20 هزار روڪ ، 2 موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل جا ڪاغذ ڦر ڪيا مزاحمت ڪرڻ تي هٿيار بندن کين هٿيارن جا بٽ هنيا ۽ 125 موٽر سائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويا واقعي بابت سٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي ويئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.