خانپور مهر ۾ 2 چوري واقعا، پوليس ستل

خانپورمهر (ت ر) خانپورمهر ۾ بدامني ،واپاري امر لال جي گهران 2 لک روڪ رقم ٻئي واردات ۾   پورهيت امر لال جي گهر ٻاهران بيٺل موٽر  سائيڪل چوري ،شهرين ۾ خوف، پوليس کي ننڊ، خبر موجب خانپورمهر ۾ اچانڪ بدامني وڌي رهي آهي اڄ صبح جو ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم جوابدار کوه پاڙي هندو محلہ مان واپاري امر لال جي گهران 2 لک روپيه روڪ رقم، ۽ ٻيو سامان چورائي فرار ٿي ويا جڏهن ته ٻئي طرف خانپورمهر جي عباسي محلہ ۾ پورهيت هندو امر لال جي گھر ٻاهران بيٺل سندس موٽرسائيڪل سي ڊي 2018 ماڊل چوري ڪري فرار ٿي ويا ٻنهي واقعن جو خانپورمهر ٿاڻي تي اطلاع ڪيو ويو آهي پوليس کي ننڊ هئڻ ڪري شهر ۾ چورين جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي جنهن سبب شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن شهرين ۾ خوف پکڙيل آهي هندو برادري پاران ٿيل چوريون واپس نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج جو چتاء ڏنو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.