سهراب ڳوٺ ۽ ڀرپاسي بدامني، شهري غير محفوظ، ڌرڻو، باهيون

گڏاپ (رپورٽ:ممتاز شيخ ) ڪراچي ايشيا جي سڀ کان وڏي مال پڙي لڳندي ئي ڏوھاري ٻرن مان نڪري پيا، ٻن ڏيھن ۾ ڦر جون اٺ وارداتون ٿي ويون، حد جي پوليس ڪک  ڀڃي ٻيڻو نہ ڪيو، ڏيھن ڏٺي ڦرون روزانو جو معمول بڻجي ويون، پوليس خاموش تماشائي بڻيل ڪابہ ڪاروائي عمل ۾ نہ اچي سگھي، سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد ايوب ڳوٺ، لاسي ڳوٺ، سنڌ سوسائٽي، راڄپر محلا، سائينداد ڳوٺ، نور خان برفت ڳوٺ ۾ ڏوھارين پنھنجا ديرا ڄمائي ڇڏيا، ڏوھاري قانون کان بہ ڏاڍا ٿي ويا، سرعام ڏيھن ڏٺي توڙي رات جو ٽولن جي صورت ۾ عوام کي لٽي باآساني فرار ٿي وڃن ٿا، 2ڏينھن ۾ 8 وارداتون ڏوھارين ڏينھن کي بہ رات ڪري ڏوھ ڪرڻ لڳا، راڄپر محلي ۾ ميھن جي واڙي تان ڇھ افغاني پٺاڻن سرعام ھٿيارن جي زور تي واپارين کان لکين رپيه ڦر ڪري واپارين کي تشدد جو نشانو بڻايو، واقعي جي اين سي داخل ڪرائڻ لاء ويل واپارين مٿان پوليس اھلڪار مذاق اڏائيندا رھيا، جنھن خلاف واپارين جيو شر۔ نياز چانڊيو۔ منصور ڪولاچي۔ صابر ڪولاچي۔ محبوب گاڏهي۔ ﷲ وڌايو بروهي ۽ ٻين ڦر ۽ تشدد خلاف مين ايوب ڳوٺ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي مين روڊ کي بلاڪ ڪري سھراب ڳوٺ پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي، مظاھرين گڏاپ جي صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو تہ ھڪ طرف مھانگائي اسان جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي ٻي طرف روز روز جي وڌندڙ وارداتن اسان واپارين کي سخت مشڪلاتن ۾ وجھي ڇڏيو آھي، سھراب ڳوٺ پوليس جو علائقي ۾ ڪوبه گشت ناھي، جڏھن کان ايس ايڇ او محبوب الاھي آيو آھي ان ڏيھن کان ڦر جون وارداتون تيز ٿي ويون آھن، ھنن وڌيڪ چيو ته پوليس جي ڪابه رٽ قائم ناھي اسان جو ڪوبه وارث ناھي اسين اگر دانھون ٿا ڪيون ته اسان کي جان کان مارڻ جو ڌمڪيون ڏنيو ٿيون وڃن، ھنن مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ تشدد ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.