ڪوھستان ۾ ملڪيتن تي قبضا، روينيو وارا ڪوڙا کاتا ٺاھڻ ۾ مصروف

ٺٽو(بيورو چيف) ڪوھستان جي مقامي ماڻھن جي ملڪيتن تي طاقت جي زور تي قبضا جاري، روينيو کاتو جعلي کاتا ٺاھڻ ۾ مصروف بڻيل، ڪوھستان واسي سراپا احتجاج بڻيل، چونڊيل نمائيندن سميت ضلعي انتظاميا  ڪا به واھر نه ڪئي. ٺٽي جي وسيع تر ڪوھستاني پٽي ۾ غير مقامي ماڻھن سميت بااثر وڏيرن پاران مقامي ڪوھستان واسين جي زمينن تي طاقت جي زور تي قبضا ڪرڻ وارو عمل جاري آھي. ان سلسلي ۾ يونين ڪائونسل جھمپير جي ڳوٺ گودڙ خان جاکرو جي رھواسي پيرسن جھونجھار جاکرو، سندس پٽن ولي محمد جاکرو، عطا محمد جاکرو، علي نواز جاکرو ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته يونين ڪائونسل جھمپير جي ڪوھستاني علائقي ڪڙيون مڪان ۾ سندن 2 سئو ايڪڙ زمين آھي، جنھن تي ٻين صوبن جي بااثر ماڻھن ڪجھ وقت کان وٺي قبضا ڪري پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري ڇڏيا آھن، جيڪي اسانجي پنھنجي زمينن تي به وڃڻ نٿا ڏين. ھنن چيو ته سندن زمينن تي ٿيل قبضن خلاف ٺٽي جي اڳوڻي ڊي سي محمد عثمان تنوير کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون ھيون، جنھن ان وقت انڪواري ٽيم جوڙي مختيار ڪار ٺٽو جي قيادت ۾ سرزمين جو جائزو وٺي سندن زمين تي ٿيل قبضي جي ڊي سي ٺٽو کي رپورٽ پڻ ڏني ھئي، پر اڃان تائين سندن زمين تان بااثر ڌارين ماڻھن جو قبضو خالي ٿي ناھي سگھيو. ھنن چيو ته سندن زمين تي ويٺل ھٿياربند ماڻھون کين نقصان جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن، جن مان کين جاني، مالي نقصان جو پڻ خطرو آھي ته ٻئي طرف سندن خلاف ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت سندن خلاف سوشل ميڊيا تي سندن ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، جيڪو عمل مذمت جوڳو آھي. پيرسن جھونجھارجاکرو، ولي محمد جاکرو، عطا محمد جاکرو ۽ ٻين چيو ته اسان جاکرا برادري جا ماڻھون سڀ گڏ آھيون، اسان ۾ ڪي به اختلاف ناھن، خاص طور اسانجي ملڪيتن تي ٿيندڙ والار توڙي قبضن واري معاملي تي ھڪ آواز آھيون. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندن ڪوھستاني زمينن تي ڌارين بااثر ماڻھن پاران ڪيل قبضو فورن خالي ڪرائي زمينون سندن حوالي ڪري کين نقصان جون ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ مھيا ڪرڻ سميت سندن خلاف سوشل ميڊيا تي جاري ڪردار ڪشي جنھن ۾ ڪابه صداقت ناھي ان کي بند ڪرائي ساڻن انصاف ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.