شهدادپور ۾ آبادگارن جون آبپاشي عملدارن خلاف دانهون

شھدادپور  (ن ع آ)پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري اسان جي فصلن کي تباه ڪيو پيو وڃي. ڏوڪڙ نه ڏيڻ تي ايس ڊي او ايريگيشن اسان سان ظلم ڪري رهيو آهي پاڻي جي هٿرادو کوٽ بند نه ڪئي وئي ته ڪورٽ جو دروازو کڙڪائينداسين.متاثر آبادگار سراپا احتجاج .راڄپر مائينر جي آبادگارن فقير محمد راڄپر محرم راڄپر محبوب سھتو سھيل لغاري پريس ڪلب شھدادپور پھچي دانھيندي چيو آھي ته ايريگيشن کاتي جي عملدارن اسان جي راڄپر مائينر کي بند ڪري پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري اسانجي فصلن کي سڪايو پيو وڃي ۽ ايريگيشن عملدار پيسا نه ڏيڻ تي هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري اسان جي فصلن کي لکين روپين جو نقصان پهچائي رهياآهن. ايس ڊي او ايريگيشن بار بار اسان کان رشوت جي گھر ڪري ٿو اسان جو مطالبو آھي ته راجراڄپر مائينر جي آبادگارن کي جلد کان پاڻي ڏنو وڃي ۽ اسانجي فصلن کي بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان ايريگشن عملدارن ۽ ايس ڊي او خلاف ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.