ميرپورخاص ۾ واپاري کان لکين رپين جي ڦر، ڦورو فرار، ڌرڻو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص لڳ واپاري کان هٿيارن جي زور تي لکين روپين جي ڦر، ڦورو فرار، واپاري کان ڦرجي واقعي خلاف سوين ماڻهن جو احتجاجي مظاهروڌرڻو، ٽائرن کي باهيون، ڌرڻي سبب  ميرپورخاص مٺي روڊ تي ٽريف ڪ معطل ٿي ويئي سوين گاڏيون بيهجي ويون، پوليس خلاف ڇتي نعريبازي. تفصيل موجب ميرپورخاص لڳ ٻيلاهڙو شاخ تي ڏينهن ڏٺي جو ڪار ۾ سوار ٽن نامعلوم هٿياربندن کنبڙي جي رهواسي ڦٽين جي واپاران جمشيد ميمڻ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 3 لک روپيا روڪ ۽  قيمتي موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واپاري کان ڦر جي واقعي خلاف سوين ماڻهن ٻيلاهڙو شاخ تي ميرپورخاص مٺي مک روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، سوين مڇريل ماڻهن ٽائرن کي ٻاهيون ڏئي ۽ رڪاوٽون کڙيون ڪري ميرپورخاص مٺي مُک روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهنجي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي ۽ سوين گاڏيون بيهجڻ سبب گاڏين ۾ سوار مسافر سخت پريشان ٿي ويا. مک روڊ تي ڌرڻي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هند پهچي مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مظاهرو ڪندڙن پوليس کي جوابدارن جي گرفتاري تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏيو، ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن دانهيندي چيو ته وليس جي نااهلي جي ڪري بدامني چوٽ ڇڙهي ويئي آهي ڦر ا واقعا روز جو معمول بڻيل آهي پر پوليس ڦر ۽ چوري جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام بڻجي چڪي آهي، بدامني سبب واپاري توڙي رهواسين جي جان مال غير محفوظ بڻجي چڪي آهي ۽ عوام ۾ عدم تحفظ جو احتجاج وڌي رهيو آهي، هنن چيو ته ڦورن ڏينهن ڏٺي جو 24 ڪلاڪ هلندڙ روڊ تي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي واپاري کان لکين روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا . واقعي جي بروقت اطلاع جي باوجود پوليس ڦورن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي هنن مطالبو ڪيو ته  واپاري جمشيد ميمڻ کان ڦر جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن سميت مختلف ڦرن ۽ چورين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي کين گرفتار ڪيو وڃي واپارين ۽ رهواسين جي جان مال جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي ٻي صورت ۾ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.