نصير واهه جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ٺٽو(بيورو چيف) ور شھر لڳ نصير واھ شاخ جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف رھواسين محمد يوسف زنگياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مڪلي  تي احتجاج ڪندي چيو ته نصير واھ شاخ تي پاڻي رڳو بااثر ۽ من پسندن ماڻھن کي ڏنو پيو وڃي، باقي ننڍن آبادگارن کي پاڻي نه ملڻ ڪري سندن بيٺل فصل سوڪھڙي جو شڪار بڻجڻ سميت سندن زمينون غيرآباد ٿي رھيون آھن. ھنن چيو ته سندن وارو ھفتي ۾ ھڪ ڏينھن 4 ڪلاڪ جو آھي، پر پاڻي شاخ سان سندن زمين تائين پھچندي 4 ڪلاڪ پورا ٿيڻ تي سندن پاڻي بند ٿيو وڃي، جنھن ڪري ھو ھڪ مھيني کان وٺي ھڪ ايڪڙ زمين به آباد ڪري ناھن سگيا، ھن چيو ته اھا پاڻي جي صورتحال رھي ته سندن سموريون زمينون غيرآباد بڻجڻ سان گڏ سندن لکين روپيہ ڪيل خرچ توڙي پوکيل سارين جو ٻيجارو به سڙي ويندو. ھنن چيو ته ايريگيشن کاتي جا عملدار سندن ڪابه ڳالھ ٻڌڻ لاء تيار ناھن، پاڻي گھرڻ تي ويتر مٿن ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ٿا ڏين. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پاني جي کوٽ ختم ڪري کين پنھنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي، جيئن ھو پنھنجون زمينون آباد ڪري پاڻ کي نقصان کان بچائي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.