بڊاڻي ۾ ٻن نوجوانن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

بڊاڻي (رپورٽ: مقبول مڙل)بڊاڻي ٿاڻي جي حد مان نامعلوم هٿيار بندن پاران ٻن ڀائرن منظور احمد ڀٽو ۽ رياض ڀٽو کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي رڙين تي علائقي واسي سڃاڳ ٿي پيا جنهن بعد هٿياربند موقئي تان فرار ٿي ويا ، اهڙي اطلاع بعد حد پوليس مياڻي ايٽ بڊاڻي واقئي واري هنڌ پهچي ڏوهارين جو پيڇهو ڪيو ، پر ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٻئي ڀائر رياض احمد ۽ منظور احمد ڀٽو مزدوري ڪرڻ بعد شهر کان گهر طرف واپس وڃي رهيا هئا ته سندن هٿياربندن پاران بڊاڻي موڙ وٺان اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن بعد علائقي واسين کين بچائي ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.