نوجوان جا قاتل گرفتار ڪيو، فريد آباد ۾وارثن جو احتجاج

فريدآباد  ( ن ع آ  ) فريدآباد واسي منٺار چانڊيو پٽ غلام عباس چانڊيو  کي 33 ڏينهن اڳ 6 ڄڻا نامعلوم  ڳوٺ ڇٽو ميرواڻي جي اولھ طرف تشدد ڪري نوجوان کي  ماري قتل ڪري ٻير ۾ لاش ٽنگي ھليا ويا ھيا ـ مقتول منٺار چانڊيو  جا قاتل جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن سندس جي ڀاء غلام علي چانڊيو ـ ديدار چانڊيو ـ محمد بخش چانڊيو ـ نديم چانڊيو نظير چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ـ ھنن چيو ته نوجوان منٺار چانڊيو  جا قاتل جوابدار بااثر  آهن ـ جوابدارن سان فريدآباد  پوليس ٻٽ بڻيل آهي اسان کي پوليس ڪيس داخل ڪرائڻ جا دلاسا ڏنا وڃن پيا پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاء تيار ناھي ـ ھنن چيو ته اسان پوليس جي ھٿان مخالف جوابدار رحيم چانڊيو ۽ صحبت چانڊيو  گرفتار ڪرايا آهن انھن جوابدارن کي پوليس ڇڏڻ لاء ڳري رشوت ورتي آهي ۽ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ لاء اسان کي پوليس جي معرفت حراسان ڪيو وڃي ٿو ـ جڏهن ته نظير چانڊيو   چيو ته جوابدارن تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته مان  پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندس ـ ھنن آء جي سنڌ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ـ ٻي صورت ۾ سڀاني عورتن مردن سان گڏ فريدآباد  پل تي ڌرڻي جو پڻ اعلان ڪيو ـ ھوڏانھن  فريدآباد  پوليس ڇاپا ھڻي جوابدار رحيم چانڊيو  ۽ صحبت چانڊيو  کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي ـ ھوڏانھن  فريدآباد  ٿاڻي جي منشي رسول بخش کوسو چيو ته ڪيس داخل ناھي ٿيو ـ ايندا ته ڪيس داخل ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.