قاضي احمد ۾گهر مان لکين رپين جي چوري

قاضي احمد (ن ع آ) پريس ڪلب قاضي احمد جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ء سماجي ورڪر صحافي صلاح الدین ڪيريو جي  سوٽ ڀاءُ مير محمد ڪيريو جي گھر مان لکين روپين جي ماليت جا سونا زيور ء روڪ رقم جي چوري. تفصيل موجب سماجي اڳواڻ ء سينيئر صحافي صلاح الدین ڪيريو جي سوٽ ڀاءُ مير محمد ڪيريو جي رمضان راهو ڪالوني قاضي احمد واري بند پيل گهر ۾ نامعلوم چور گھر ۾ گهڙي ٽن الماڙين جا تالا ٽوڙي لکين رپين جي لاڳت جون چار سونيون منڊيون ء ڪجھ ڪنن جون واليون ء سوا لک روپيا روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا، جنهن جو اطلاع قاضي احمد ٿاڻي تي ڏنو ويو، ھوڏانھن پوليس جاچ ڪندي ٻڌايو ته چور جنھن چاٻي سان گهر جو تالو کولي داخل ٿيا آهن اها چاٻي ء چاقو وارداتون واري جاءِ تان هٿ آيا آهن جنهن جي مدد سان جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.