راڌڻ جي ڪچي مان هاري زمين تان بيدخل، احتجاج

راڌڻ( ن ع آ )راڌڻ لڳ ڪچي جي علائقي ضلعي لاڙڪاڻي جي ناڙي لاشاري جي رهواسين عبدالستار لاشاري عبدالرشيد لاشاري وحيد علي لاشاري نويد احمد لاشاري احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي خانداني زرعي  زمين آھي جيڪا صدين کان وٺي اسان جي نالي تي آھي پر اڄ صبح غلام مصطفي سيال نئون ڳوٺ وارو منور سيال هٿيارن جي زور تي اسان جي هارين کي زمين مان ٻاهر ڪڍي زمين تي قبضو ڪيو آھي، احتجاج ڪندڙن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو ته اسان جي زرعي زمين تان ناجائز قبضو ختم ڪرايو وڃي نه ته اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪندا سون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.