پيرجوڳوٺ ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان تي تشدد، موٽرسائيڪل ڦر

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) ڇنڇر واري رات ديرسان پيرجوڳوٺ جي نيو راشدي گيٽ وٽ 3 نامعلوم هٿياربندن شھري امير حمزه ميمڻ کي يرغمال بڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻائي رتورت ڪري سندس نيو سي ڊي موٽرسائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا، سندس دانهن تي زخمي نوجوان کي راھگيرن پاران پيرجوڳوٺ اسپتال پھچايو، هوڏانهن متاثر نوجوان جي وارثن پاران احتجاج ڪندي چيو ته پيرجوڳوٺ ۽ آس پاس جي ماڻهن ۾خوف پکڙيل آھي ۽ هو ڏوھارين جي رحم ڪرم تي هلي رھياآھن، هنن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي آھي ته ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي ڏوھاري گرفتارڪيا وڃن.

ڪوٽ مير محمد واسي نوجوان اسلام آباد ۾ بخار سبب فوت

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) اسلام آباد اين ڊي ايس جو عملدار گردن ٽوڙ بخار سبب فوت، گهر ۾ قھرام، خبرموجب، ڪوٽ ميرمحمد واسي نوجوان ۽ اسلام آباد ۾ اين ڊي ايس جو عملدار جان محمد سومرو گردن ٽوڙ بخار سبب اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس مڙھ اباڻي ڳوٺ ڪوٽ ميرمحمد پھچڻ تي سندس گهر ۾ قھرام مچي ويو. مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، شھرين توڙي سومرا برادري جي ماڻهن وڏي انگ م شرڪت ڪئي، مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي، سندس پونيرن خان محمد سومرو ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.

ميرپورخاص ۾ مسافر بس تي فائرنگ

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص شهيد بينظير اسپورٽس گرائونڊ لڳ مسافر بس تي  مبينا فائرنگ، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، فائرنگ ڪندڙ فرار، ٻن ٽرانسپورٽرن وچ ۾ هلندڙ تڪرار سبب هٿرادو واقعو ڪيو ويو پوليس ذريعا. تفصيل موجب ميرپورخاص کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ تي شهيد بينظير ڀٽو اسپورٽس گرائونڊ لڳ نامعلوم هٿياربندن پاران مبينا فائرنگ جو واقعو پيش آيو واقعي دوران بس ۾ سوار مسافر ۽ عملو معجزاني طور محفوظ رهيو فائرنگ جي واقعي بعد جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس پهچي واقعي جا تفصيل وٺڻ بعد جاچ شروع ڪري ڏني آهي ٻيطرف پوليس ذريعن موجب ٻن ٽرانسپورٽر جي وچ ۾ اڏي تان تڪرارهلندڙ آهي ٿي سگھي ٿو واقعو هٿرادو ٿيوهجي هلندڙ بس جي شيشن تي فائرنگ ٿيڻ جي باوجود ڪنهن کي به گولي نه لڳڻ هڪ سوال بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.