ڳڙهي خيري ۾ پاڻي کوٽ، آبادگارن جو بلوچستان بارڊر تي ڌرڻو

ڳڙھي خيرو(ن ع آ) ڳڙھي خيرو آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ خلاف ميرگل حسن خان جمالي جي اڳواڻي ۾ بيگاري پل تي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو, آبادگارن پاران سنڌ بلوچستان ويندڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو,  مظاھرين پاران ”پاڻي  ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا“ جا نعرا لڳايا ويا، سنڌ بلوچستان باڊر تي ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، آبادگارن پاران مختلف رستن تي ٽريڪٽر ۽ ٽراليون بيھاري روڊ بلاڪ ڪيو ويو، مظاھري ۾ استاد نادر علي جمالي, عابد علي جمالي, مير عبدالغفار خان جمالي, حاجي خدا بخش ديناري, ايس ٽي پي جي اڳواڻ حاجي ميھر علي ديناري سميت وڏي تعداد ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي، ڌرڻي واري ھنڌ ڪو به آبپاشي عملدار نه پھتو، ان موقعي تي خطاب ڪندي ميرگل حسن خان جمالي، حاجي مھرعلي ديناري،  عابد حسين جمالي، استاد نادر علي جمالي، وقار حسين جمالي، ۽ ٻين چيو ته پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب آبادگارن جو پوکيل ساريالو ٻيجارو سڙي ويو آھي, جنھن سبب آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي. , ھتان جا چونڊيل نمائندا پاڻي لاء ڇو خاموش آھن، پوڇڙي جي آبادگارن لاء پاڻي لازمي آھي، پاڻي جي اچڻ سان آبادگارن ۾ خوشحالي ايندي، ڳڙھي خيرو شھر به ترقي ڪندو، اسان جو پاڻي کانسواء ٻيو ڪو به پنھنجو ذاتي مطلب نه آھي، چونڊيل نمائندا ڳڙھي خيرو جي عوام کي وساري ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.