ڪوٽڏيجي ويجھو ڌار ڌار روڊ حادثا، 5 ڄڻا زخمي

ڪوٽڏيجي( رپورٽ ) ڪوٽڏيجي جي علائقي ڪوٽبنگلو جي وين اسٽاپ تي تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر لڳڻ جي  نتيجي ۾ فروٽ جو ريڙو هلائيندڙ علي گلاب ميراڻي جي ڄنگھ ڀڄي پوڻ ڪري سول اسپتال خيرپور ريفر ڪيو ويو  هوڏانهن نارا تعلقي جي علائقي ڳوٺ مٺو مينو لڳ ڪاٺوڙ جي رھواسي ڪوٽڏيجي جي علائقي ديهھ سوھو مان شادي کان واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته درگاھ اڀن علي شاهه لڳ پهاڙي علائقي ۾ تيز رفتار موٽر سائيڪل جو ٽائر پنچر ٿيڻ ڪري پنجن سالن جو معصوم اسماعيل سندس والد مسمات روشني، عمران علي مينو ۽ بشير احمد مينو سخت زخمي ٿي پيا جن کي رستي ويندڙن مقامي اسپتال ڪوٽبنگلو آندو جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد زخمين کي سول اسپتال خيرپور ريفر ڪيو ويو

لاڙڪاڻي لڳ اوباش نوجوان جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل پيرسن جو علاج جاري

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان قمبر باءِ پاس روڊ تي هڪ ڏينهن اڳ اوباش نوجوانن جي ون وهيلنگ دوران موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل شهر جي  پروفيسر ڪالوني واسي اسد الله ٻرڙو جي پيرسن پيءُ محمد صادق ٻرڙو جو چانڊڪا اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. ڪالهه لاڙڪاڻي جي وڪيلن اسپتال پهچي وڪيل جي زخمي پيءُ جي عيادت ڪندي کيس هر ممڪن سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي. ان موقعي تي وڪيل اسد الله ٻرڙو پنهنجي وڪيل دوستن اعجاز علي سانگي، ظفر علي ملگاڻي، عامر حسين سيٺار ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته لاڙڪاڻي شهر جي سمورن باءِ پاس روڊن تي اوباش نوجوانن پاران جمعي ڏهاڙي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي خطرناڪ ون وهيلنگ ڪئي پئي وڃي . جن کي روڪڻ لاءِ پوليس عملدار ڪاروائي لاءِ تيار ناهن، گذريل جمعي ڏينهن منهنجو پيرسن پيءُ محمد صادق ٻرڙو پنهنجي اباڻي ڳوٺ گهٽهڙ ۾ زرعي زمينن جو معائنو ڪرڻ بعد واپس لاڙڪاڻي شهر ڏانهن اچي رهيو هو ته لاڙڪاڻو باءِ پاس تي اوباش نوجوان جي موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ هو سخت زخمي ٿيو. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ون وهيلنگ ڪندڙ اوباش نوجوانن کي گرفتار ڪري سندن مٿان ڪيس داخل ڪيا وڃن جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جا واقعا پيش نه اچن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.