مدئجي جي ڪچي ۾ آپريشن، عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ، تشدد خلاف احتجاج

مدئجي (رپورٽر) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ آئيجا ۾ ناريجا برادري جي گهرن تي سب ڊويزن ڳڙهي ياسين جي اڳواڻي ۾ ڄهٻر شيخ، ويھ ميل، ڳاهيجا مدئجي سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن 10 کان مٿي پوليس موبائيلن ۾ سوار اهلڪارن چڙهائي ڪري گهرن تي ڪڙو چاڙهي  گهرن ۾ داخل ٿي سرچ آپريشن ڪيو جنهن دوران اهلڪارن گهرن ۾ موجود پيرسن عورت سميت معصوم ٻارڙن مٿان تشدد ڪيو جنهن تي عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا,پوليس اهلڪار گهرن ۾ سرچ آپريشن ڪرڻ بعد واپس روانا ٿي ويا،پوليس چڙهائي خلاف گهرن ۾ موجود پيرسن عورت مسمات نازان ناريجو جو پاڪ ڪتاب کڻي پوليس ۽ سيد برادري جي ناجائزين خلاف دانهون ڪيون هن دانهيندي چيوته پوليس سيد برادري جي چرچ تي اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪئي آهي، اسان غريب مسڪين آهيون سيد برادري جي پوليس اهلڪارن ڪوڙو ڀتو وٺڻ جو الزام هڻي منهنجي پٽ وحيد ناريجو مٿان ڪيس داخل ڪرايو آهي جيڪو سراسر ڪوڙو آهي اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين.  ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته سيد برادري جي داخل ڪيس ۾ گهربل جوابدار وحيد ناريجو جي گرفتاري لاء چڙهائي ڪئي آهي جيڪو هٿ نه اچي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري نه ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.