ڀرياسٽي ۾ھٿياربندن جي مسافر گاڏين مان ڦر لٽ

ڀرياسٽي (رپورٽ: مجيد ڪيريو) ڀرياسٽي ٿاڻي جي حد قومي شاھراهه تي ڳوٺ ممن کاھي لڳ گذريل رات 20 کان مٿي ھٿياربندن پاران  ٻنھي پاسن ڪراچي کان پنجاب ۽ پنجاب کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ ٽرڪ ۽ ٽرالر ڊرائيورن ۽ ڳوٺاڻن کان ھڪ ڪلاڪ تائين روڪ رقم موبائيل فون موٽر سائيڪل ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪرڻ دوران اطلاع تي پوليس پڪٽ ممن کاھي تي مقرر پوليس اھلڪارن سان ڦورون وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ھڪ پوليس اھلڪار ولي محمد لنجار گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيڻ واري واقعي جو سيشن جج نوشھروفيروز محبوب علي جواھري پاران سخت نوٽيس وٺندي ضلعي جي قومي شاھراهه جي ٿاڻن مورو، درس، سدھوجا، نوشھروفيروز، ڀرياسٽي،  ڪنڊيارو، ھالاڻي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي سخت ھدايتون جاري ڪندي وارننگ ڏني آھي ته قومي شاھراھ سان ڪابه ڦر جي واردات ٿي ته حد جي ٿاڻي جي عملدار خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، ٻئي ڀرياسٽي ٿاڻي تي ڦر واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي،  جڏهن ته زخمي پوليس اهلڪار کي وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ڀرياسٽي پوليس ٻڌايو ته پوليس نفري ڏوھاري جي گرفتارين لاء سخت اپاء وٺي رھي آھي تمام جلد ڦورن کي سڳ سوڌو گرفتار ڪيو ويندو ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.