سيٺارجا ڀرسان روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت

سيٺارجا(ن ع آ) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڪنب مهراڻ هاء وي روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل جو زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن ۾ ڳوٺ محسن  شاھ جو رهواسي تقريبن 60 ورهين جو بشير احمد آرائين زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جيڪو زخمن جا تاب نہ سهندي رات دير سان علاج دوران گمس گمبٽ ۾ فوت ٿي ويو جنهن جو مڙھ سندس گهر پهچڻ تي ڪهرام برپا ٿي ويو فوتي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو سيٺارجا پوليس حادثي واري واقعي بابت جاچ ڪري رهي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.