بدين ضلعي ۾پاڻي کوٽ سنگين، آبادگارن جو ٽنڊي باگي ۾احتجاج

ٽنڊو باگو ( رپورٽ : دوست محمد چانڊيو ) لاڙ۾پاڻي جي کوٽ وڌي وئي ضلعوبچايوتحريڪ طرفان مين باگوواه پل تي نٽهڻ اس ۾ڌرڻون پاڻي ناهي ڇوڀلا  ڪربلا جهڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا انهي موقعي تي ضلعو بچايو تحريڪ جي اڳواڻن دلبرسنڌي عزيزڏيرولالال نوازاسحاق جوڻيجو۽ ٻين چيو ته اڪرم واه ڊويزن تي واري بندي جواعلان سارين جوفصل پوکيندڙآبادگارسخت پريشان ٿي وياآبپاشي ڊويزن جي ايگزيڪٽو انجنيئر طرفان باقائده اڪرم واه تي پاڻي جي بندش جونوٽيفڪشن جاري ڪري ڇڏيوآهي  اڪرم واه ڊويزن تي هن وقت بدين ضلعي ۾لکين ايڪڙن تي پوکيل سارين جوفصل ختم ٿيڻ لڳوهنن چيوته ڪوٽڙي بئراج ۾صرف 6فيصدکوٽ آهي پربدين ۾مڪمل پاڻي بندڪري حڪمران ڌرجي وزيرن جي ٻنين کي پاڻي ڏنو پيو وڃي.  ۽ڪوٽڙي بئراج جي پاڻي تي سکربئراج جون زمينون آباد پيون ٿين هتي اسان وٽ پيئڻ جوپاڻي نه آهي هنن چيوته هڪ سازش تحت بدين جوپاڻي بندڪيوويوآهي ۽ماڻهن کي سوڪهڙوڏئي زمينون وڪڻڻ تي مجبورڪيوپيووڃي آهي تعلقي ۾برساتون نه پوڻ ۽اڪرم واه ۾پاڻي جي کوٽ سبب پاڻي جووڏوبحران آھي هن وقت لاڙ۾آبڪلاڻي جي موسم ڪري  سڀني واهن ۾ساريال جي فصل لاءپاڻي ڇڏيوويندوآهي پرهن سال  جولاءمهيني جي ٻئي هفتي ۾به پاڻي جي بندش ڪري لکين ايڪڙن تي پوکيل سارين جوفصل ختم ٿي ويندوجڏهن ساريال جي فصل تي آبادگارن جااربين روپيابه ٻڏي وينداضلعوبچايوتحريڪ جي آبادگارن وزيراعلئ سنڌ۽اعلئ اختيارين کان گهرڪئي ته اڪرم واه سب ڊويزن سميت لاڙجي سموري واهن ۾پاڻي ڏنووڃي ته جيئن وقت سرسارين جوفصل پوکي سگهجي ٻي صورت ۾سيڊاآفيس حيدرآباداڳيان ٻچن سميت مرڻ  گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.