ميرو خان لڳ پئسا نه ملڻ تان نينگر جو آپگهات

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ميروخان تعلقي جي ڳوٺ لال بخش لغاري ۾ والدين طرفان مبينا طور پئسا نه ڏيڻ واري ڳالهه تان 14 سالن جي نينگر دوريش  پٽ معشوق علي لغاري زرعي ڀاڻ کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي علاج دوران نينگر فوت ٿي ويو جنهن جي لاش مٿان وارث اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ نينگر جي وارث هاشم لغاري ٻڌايو ته درويس صبح جي وقت پنهنجي والدين کان پئسا گهريا جيڪي پئسا نه ڏيڻ تان هن گهر اندر پيل زرعي ڀاڻ کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي علاج دوران هو فوت ٿي ويو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد خودڪشي ڪندڙ نينگر جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.