عثمان هڙي لڳ نوجوان گم، وارث سخت پريشان

عثمان شاھ ھڙي (ن ع آ) عثمان شاھ ھڙي ويجھو پيارو لنڊ ڀرسان ڳوٺ رضا محمد مري  واسي 30 سالا غلام محمد ولد محمد عيسي مري جيڪو ڪجھ ڏينهن اڳ پيارو لنڊ کان ڪراچي جي علائقي گھگھر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ رھندڙ پنھنجي عزيزن سان ملڻ ويو ھو جيڪو ٽن ڏينھن کان گم آھي ۽ سندس موبائل فون به بند آھي جنھن ڪري سندس وارث سخت پريشان آهن ان سلسلي ۾ وارثن سندس گمشدگي واري رپورٽ گھگھر ڦاٽڪ واري علائقي جي ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.