لاڙڪاڻي لڳ مبينا قتل ڪيل نوجوان جي قبر ڪشائي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) قمبر شهر جي سٽي ٿاڻي جي حد باگو ديرو ۾ ٻه مهينا اڳ سڱاوتي تڪرار تان مبينا قتل ٿي ويل پورهيت اختيار علي مغيري  جي ڀاءُ لياقت علي مغيري پنهنجي وڪيل معرفت قمبر جي عدالت ۾ هڪ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته 30 اپريل جي ڏينهن سندس ڀاءُ کي جوابدارن قتل ڪيو ويو جنهن ڪري ڀاءُ جي قبرڪشائي ڪرائي وڃي اهڙي درخواست داخل ٿيڻ بعد ڪالهه سيڪنڊ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ قمبر جي موجودگيءَ ۾ ڊاڪٽرن جي ماهر ٽيم ٻيڙو چانڊيو ڀرسان ميان شاهه محمد قبرستان پهچي مبينا قتل ٿي ويل اختيار علي مغيري جي قبرڪشائي ڪري جسم جي مختلف حصن جا جزا ورتا جيڪي ليباريٽري اماڻيا ويندا. ان موقعي تي مبينا قتل ٿي ويل پورهيت اختيار علي جي ڀاءُ ۽ درخواست گذار لياقت علي مغيري ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ 30 اپريل جي ڏينهن جوابدارن دلدار، رستم، محبوب، يوسف ۽ پيروز مغيري ڀاءُ کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ پوليس ھڪ جوابدار دلدار مغيري کي گرفتار ڪيو جڏهن ته پوليس ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.