نئين ڪوٽ ڀرسان نينگري خودڪشي ڪري ڇڏي

نئون ڪوٽ(رپورٽ زاھد مغل) نئون ڪوٽ ويجھو يوسي فضل ڀنڀرو جي ڳوٺ چوڌري اسلم جٽ ۾ 12 سالن جي ڇوڪري آشو ڌيڻ ڪيشو  ڪولھي مبينا طور گھر جي لاٽڻ ۾ ڦاھو کائي خودڪشي  ڪري ڇڏي مبينـ ڦاھو کائي خودڪشي  ڪندڙ ڇوڪري جو لاش نفيس نگر پوليس پوسٽ نئون ڪوٽ رورل ھيلٿ سينٽر آندو جتي مبينـ خودڪشي ڪندڙ ڇوڪري جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آر ايڇ سي ۾ لاش سان گڏ آيل ڇوڪري جي پيء ڪيشو ڪولھي  صحافين کي ٻڌايو تـ ڇوڪري جو ذھني توازن ٺيڪ نـ ھو ۽ ھن ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو۔ جڏھن ناري جا ٻيا وارث بـ اھو ئي ٻڌائي رھيا ھئا پوسٽ مارٽم ڪندڙ آر ايڇ سي نئون ڪوٽ جي سنيئر  ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر زيب النساء ڪولاچي  ٻڌايو تـ ڇوڪري جو پوسٽ مارٽم ڪيو آهي فلحال ڪجھـ بـ ٻڌائي نٿا سگھون پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد وارث لاش ڳوٺ کڻائي ويا.  واقعو نئون ڪوٽ ٿاڻي جي حد نفيس نگر چيڪ پوسٽ ۾ ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.